لاڙڪاڻي مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

0
308
چئن ڄڻن جا لاش هٿ
لاڙڪاڻي مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو: شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ 24 ڪلاڪن دوران چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن کي ايڌي رضاڪارن لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو آهي

پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن موجب علي گوهر آباد ۽ وڳڻ ٿاڻن جي حدن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا

چئن ڄڻن ۾ هڪ 60 ورهين جو پيرسن شخص به شامل آهي، جيڪو زخمي حالت ۾ مليو هو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو

ايڌي رضاڪارن موجب لاوارث حالت ۾ هٿ آيل لاش دفنايا ويا آهن، ٻئي پاسي پوليس جاچ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي