لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد محلي جي رهواسڻ بيوٽي پارلر تي ڪم ڪندڙ 22 ورهين جي ناري آرتي ڌيءُ نامو مل چاولا 4 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي وئي آھي، ناري جي اغوا جو سندس پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، داخل ڪرايل ڪيس ۾ ناري جي پيءُ موقف اختيار ڪيو آهي ته بيوٽي پارلر تي ڪم ڪندڙ سندس 22 سالن جي نياڻي آرتي گذريل 3 اپريل تي معمول موجب بيوٽي پارلر تي ڪم ڪرڻ وئي ته واپس نه موٽي، دير ڪرڻ تي مان پنهنجي پٽن نريش ۽ مهيش ڪمار سان گڏجي ريشم گلي ۾ بيوٽي پارلر تي وياسون جتي ڌيءَ جي ڪافي ڳولا ڪئي پر نه ملي ۽ پاڙي ۾ جاچ ڪئي پر سندس ڪٿي به ڏس پتو نه پيو، هن فرياد ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته نياڻي جي نه ملڻ تي پنهنجي پنجائت سان صلاح مشورو ڪري پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرايو، هن ڄاڻايو آهي ته اڻڄاتل جوابدار ڌيءَ آرتي کي اغوا ڪري ويا آهن. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل چار اپريل تي علي گوهر آباد پاڙي جي رهواسي نامو مل ٿاڻي تي پنهنجي 22 ورهين جي نوجوان ڌيءَ آرتي ٻائي جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ناري جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.