لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ بلوچ ڪالوني جي رهواسي پورهيت نوجوان گهر واري، ڌيءَ ۽ پٽ جي مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت اعجاز علي سومرو دانهيو ته سال 2016ع ۾ منهنجي شادي پنهنجي سئوٽ پارس سان ٿي هئي، جنهن مان 4 سالن جي ڌيءَ صائقه ۽ ڏيڍ سال جي پٽ سجاد جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته گذريل 24 آگسٽ تي طوفاني برساتن سبب منهنجو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، جنهن ڪري اسان سميت ٻين پاڙيوارن گورنمينٽ دودو سومرو پرائمري اسڪول ۾ پناهه ورتي،  28 آگسٽ تي بااثرنمنهنجي گهر واري ۽ ٻنهي ٻارن کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي زال ۽ ٻار بازياب ڪرايا وڃن.