لاڙڪاڻو ( رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊون ويجهو ايندئي اليڪشن ڪميشن پاران سموري ضلعي لاءِ حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ 1300 اميدوار ميدان ۾ لٿل، پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن. تفصيل موجب مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي 46 يونين ڪائونسل جي 46 ميمبر ضلعي ڪائونسل، چيئرمين وائيس چيئرمين، ڪائونسل جي 184 جنرل ڪائونسلرن، لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي چئن ٽائون ڪاميٽين تي مشتمل لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي 20 يونين ڪاميٽين جي چيئرمين وائيس چيئرمين ۽ 80 ڪائونسلرن، ٻن  ميونسپل ڪاميٽين جي 17 جنرل ڪائونسلرن ۽ چئن ٽائون ڪاميٽين جي 29 جنرل ڪائونسلرن جي 422 مجموعي سيٽن لاءِ 1300 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. هوڏانهن پيپلز پارٽي جو لاڙڪاڻي شهر مان هڪ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت ٻه ميمبر ضلعي ڪائونسل ۽ چار ڪائونسلر بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. جن ۾ يونين ڪائونسل 3 تي طيب جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پيپلز پارٽي اميدوار وقار علي، يونين ڪائونسل 5 ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي ميمبر ضلع ڪائونسل جي سيٽ تي پيپلز پارٽي اميدوار اعجاز لغاري، يونين ڪائونسل 16 عاقل جي وارڊ نمبر 4 تان پيپلز پارٽي اميدوار خليل احمد، يونين ڪائونسل 26 مهر وڏا ايٽ ڏانداڻو جي وارڊ نمبر هڪ تي پيپلز پارٽي جو جنرل ڪائونسلر اميدوار غلام نبي، يونين ڪائونسل 28 انور آباد جي وارڊ نمبر هڪ تان پيپلز پارٽي جو جنرل ڪائونسلر اميدوار محمد پريل، يونين ڪائونسل 29 گڏ تي ميمبر ضلع ڪائونسل جي سيٽ تان پيپلز پارٽي اميدوار طاهر علي، ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يونين ڪاميٽي ٻه تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا پيپلز پارٽي اميدوار نعيم علي ۽ محمد علي عرف اسد کرل، ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يونين ڪاميٽي 5 جي وارڊ نمبر هڪ جو جنرل ڪائونسلر اميدوار حبيب الرحمٰن بنا مقابلي شامل آهن. ٻئي پاسي چونڊن کان اڳ لاڙڪاڻي ضلعي مان مجموعي طور 55 اميدوار هٿ کڻي ويا آهن جن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميمبر ضلع ڪائونسل ۽ جنرل ڪائونسلر شامل آهن.