لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج نه ڪرڻ تان مريض تپيدار ۽ عملي ۾ جهيڙو

0
304

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج نه ڪرڻ تان مريض تپيدار ۽ عملي ۾ جهيڙو، نانگ ڪکيل تپيدار جا وارث ۽ ايمرجنسي وارڊ جو عملو هٿئين پئجي ويا، هڪٻئي تي لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لاتو ويو

جھيڙي دوران مريضن جي رڙين تي پوليس اهلڪار پهچي ويا ۽ تپيدار کي گرفتار ڪري ورتو، تپيدار ڪفايت ڪيهر جو چوڻ آهي ته نانگ جي ڪکڻ سبب ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، منهنجي حالت خراب ٿيڻ باوجود عملو ۽ ڊاڪٽرز علاج نه ڪري رهيا هئا

شڪايت جو ازالو ڪرڻ بدران  ايم ايس پوليس گهرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، ايمرجنسي وارڊ ۾ مريض تڙپي رهيا آهن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي، اسپتال جي انتظاميا طرفان تپيدار تي بنا جواز جهيڙو ڪرڻ جا الزام ھنيا ويا

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت مارجي وئي

باقراڻي ڀرسان برساتي پاڻي کولڻ تان جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي