لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پراڻي سبزي منڊي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واپاري پرس رام ڇاٻڙيا ۽ سندس ملازمن کي يرغمال بڻائي ساڍا 5 لک ڦري ويا،ڪرشن لعل ٻڌايو ته منهنجو والد پنهنجي پراڻي سبزي منڊي واري علائقي ۾ ڪٽي جي دڪان تي ويٺو هو، ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٽن هٿياربند والد ۽ ٻن مزدورن کي يرغمال بڻائي کائن ساڍا پنج لک ڦري ويا آهن.