لاڙڪاڻو (رپورٽ :شاهه محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ سماجي تنظيم جي سهڪارسان ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ترسيل عبدالرشيد جمالي، شاڪر کوسو، سردار چانڊيو، حاجي محمد حسن ميرجت پنهنجي اخبار جي ٽيم آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا طرفان ڪا واهر ناهي ڪئي وئي، خيما نه ملڻ سبب نٽهڻ اُس ۾ ٻچين ٻارين ويٺل آهيون، ڪو چونڊيل نمائندو توڙي انتظامي عملدار لڙي ناهي آيو.  هنن چيو ته رات جو مرچن وارو پلاءُ ڀت ۽ صبح جو مٺو ڀت کارايو پيو وڃي، صحت کاتي طرفان ملندڙ دوائون غير معياري آهن. هنن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر بخار واري کي به ساڳئي دوا ٿا ڏين ۽ پيٽ جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي به اها ئي دوا فراهم پيا ڪن.