لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پي پي ايچ آءِ پاران لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ سان گڏوگڏ ليباريٽري پڻ قائم ڪئي  وئي آهي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي سوين مريضن جي چڪاس ڪري سندن مليريا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ ٻين مرضن جون ٽيسٽون ڪيون ۽ ڪيس مثبت اچڻ تي کين مفت دوائون ڏنيون.  ان موقعي تي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته برساتن کانپوءِ مليريا ۽ ٻين مرضن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. مليريا ۽ ٻين بيمارين جون ٽيسٽون به ڪيون پيون وڃن.