لاڙڪاڻي جي عدالت گهران نڪتل ٻن نينگرين کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

0
380

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت گهران نڪتل ٻن نينگرين کي سندن وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ڳوٺ غلام حسين ٻٽ واسڻ سڪينا ۽ سندس سئوٽ فضيلا ماڇي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران عدالت فضيلا ۽ سڪينه ماڇي جي عمر ننڍي هجڻ ڪري زبردستي شادي کان وارثن کي روڪي ڇڏيو، عدالت نينگرين جي ڀائرن ۽ مائرن کان لکت ۾ وٺي کيس وارثن حوالي ڪيو، عدالت پاران اهو به حڪم ڏنو ويو آھي ته نينگرين جي زبردستي شادي ڪرائي وئي ته سندن ڀائرن سميت ٻين وارثن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو..