لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي بيت المال ڪالوني ۾ قائم پرائمري اسڪول ۾ ڪيتري وقت کان بجلي ڪٽيل آهي، جڏهن ته اسڪول کي سولر سسٽم جي سهولت توڙي فرنيچر سميت ٻين بنيادي سهولتون کوٽ آهي، ٻارڙا سخت گرمي ۾تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ان موقعي هيڊ ماستر راجا ممتاز سومرو چيو ته اسان جي اسڪول ۾ 5 سو کان وڌيڪ شاگرد ۾ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن، اسڪول ۾ فرنيچر، سولر سسٽم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي سهولت نه ملڻ سبب شاگردن توڙي استادن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڪيتري عرصي کان اسڪول جي بجلي به ڪٽيل آهي جڏهن اسڪول ۾ آفيس نه هجڻ ڪري سڀني استادن کي پڻ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن ڪافي عرصي کان اسڪول جا ايس ايم سي فنڊ جاري ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري اسڪول سمورو ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو آهي هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي ئي او پرائمري کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي هوڏانهن اسڪول جي ٻارڙن احتجاج رڪارڊ ڪرائيدي چيو ته اسڪول ۾ بجلي، سولر سسٽم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي سهولت نه هجڻ سبب سخت گرمي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون روزانو ڪيرائي ٻار گرمي سبب بيمار ٿي پون ٿا اسان تعليم کاتي جي اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي فوري طور سموريون گهربل سهولتون مهيا ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.