لاڙڪاڻو:  30 سال قيد ڪاٽي چڪو آهيان، آزاد ڪيو وڃي: قيدي جي وڊيو وائرل

0
162
ڪراچي:  30 سال قيد

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ سزا يافته قيدي بشير عرف بشو شابراڻي جو سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿي وئي، قيدي بشو شابراڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو بيان ۾ چئي رهيو آهي ته هو 30سال قيد ڪاٽي رهيو آهي پر پوءِ به کيس آزاد ناهي ڪيو ويو

قيدي جو چوڻ آھي ته ٻار ھيس تھ وڏي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪلرايو، سندس اپيل کي 12سال گذري ويا آھن پر هڪ ڏينهن به ٻڌڻي نه ٿي، سزا يافته قيدي بشو شابراڻي چيف جسٽس آف پاڪستان، صدر پاڪستان ۽ وزير اعظم کي اپيل ڪئي ته آزاد ڪيو وڃي