لاڙڪاڻو: 11 هزار تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويل نينگر فوت

0
246
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ن پ ا) قبعو سعيد خان لڳ ڳوٺ بهادر مگسي ۽ گذريل رات دير سان بجلي جي 11 هزار تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بي هوش ٿي ويل 13 ورهين جو نينگر الطاف حسين پٽ نثار احمدمگسي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. ان موقعي تي فوتي نينگر جي پيءُ نثار احمد مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پٽ ذهني مريض هو جيڪو گذريل ڏينهن شام جو ڳوٺ ۾ 11 هزار بجلي جي پول تي چڙهي ويو هو جتان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ داخل ڪيو هو جتي هو فوت ٿي ويو آهي هوڏانهن اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.