لاڙڪاڻو: گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، اغوا جو شڪ

0
132
لاڙڪاڻو: گم ٿيل نينگر

لاڙڪاڻو (ن پ ا) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگي ٻنڊي واسي 16 سالن جو نينگر غلام مرتضيٰ پٽ رضامحمد ساريو ٻن هفتن  کان گم آهي، جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو

نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته غلام مرتضيٰ جي هر هنڌ ڳولا ڪرڻ باوجود ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، واقعي جي اين سي ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي

نينگر جي پي رضا محمد ساريو جو چوڻ آهي ته پُٽ ڳوٺ جي مدرسي ۾ پڙھندو هو، مدرسي مان  نڪتو ته واپس ناھي آيو، شڪ آهي پُٽ کي اغوا نه ڪيو ويو ھجي، پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي