لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪرپشن ڪي، 29 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

0
238

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي احتساب عدالت لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪرپشن ريفرنس ۾ 29 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، احتساب عدالت ۾11 ڪروڙ 15 لک ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدارن ۾ ايل ڊي اي آفيسرز، ٺيڪيدار به شامل آهن، ريفرنس ۾ اصغر عباس شيخ، نور نبي، محمد عامر ۽ ٻيا شامل آهن، جوابدار پاران ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪرڻ تي عدالت شاهدن کي طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.