لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چونڊن ۾ صدر احمد علي شيخ، سينئر  نائب صدر عبدالواحد شيخ ۽  نائب صدر پون ڪمار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. هوڏانهن بنا مقابلي چونڊجي آيل عهديدارن کي گلن جا هار پارائي مٺايون ورهائي کين مبارڪباد به ڏني وئي. واضع رهي ته ان کان اڳ 11 سيپٽمبر تي ٿيل لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چونڊن ۾ نثارالله شيخ سميت 8 اميدوارن ڪاميابي ماڻي هئي جنهن کان پوءِ جنهن به اميدوار صدر توڙي ٻين عهدن تي نامزدگي جمع نه ڪرايا ويا جنهن ڪري اليڪشن ڪمشنر بدرالدين ابڙو طرفان ڄاڻايل عهديدارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو آهي.