لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال عملي نينگر جو علاج ڪرڻ بجاءِ اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو

0
235
چانڊڪا جي اڳوڻي وي سي

لاڙڪاڻو(ن پ ا) چانڊڪا اسپتال عملي معصوم نينگر جو علاج ڪرڻ بجاء کيس اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو وارثن جو احتجاج، رتوديرو ديرو ڀرسان ڳوٺ خروس جي رهواسين شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي انتظاميه خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي نديم خروس پنهجي گهر واري وحيده خاتون، ٻارن نائب علي ۽ 8 مهينن جي بيمار پٽ سان گڏجي دانهيو ته منهنجو 8 مهينن جو پٽ محمد عمر ڦڦڙن، ساهه ۽ بخار ۾ مبتلا آهي جنهن جي طبيعت انتهائي خراب آهي. هن الزام لڳايو ته اڄ صبح مون گهر واري ۽ ٻارن سان گڏجي پنهنجي بيمار پٽ کي داخل ڪرائڻ لاءِ شيخ زيد چلڊرين اسپتال آيس جتي ڊاڪٽرن پٽ کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ بجاءِ سيرپ لکي موٽائي ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي اسپتال داخل ڪرائي کيس علاج فراهم ڪيو وڃي.