لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل 2 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  ان ڏس ۾ شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پير سرڪٽيو روڊ تي ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ غلام فريد ولد دلدار علي شيخ جي نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب جوابدار  مختلف ڏوهن ۾ ملوث ۽ سرگرم ڏوهاري آهي،جنهن مٿان ٽن کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن. ٻئي پاسي سي آءِ اي پوليس حيدري ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي رهواسي سجاد شاهه عرف جھنڊي شاهه ولد حسن شاهه طور ٿي آهي جيڪو ڪراچي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث ۽ سرگرم ڏوهاري آهي.