لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس شهر اندر ڦرن، چورن ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوث چئن ڏوهارين جون تصويرون جاري ڪندي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به وٽ انهن ڏوهارين بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته ايس ايس پي آفيس جي فون نمبرن سان رابطو ڪيو وڃي، اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکڻ سان گڏ ان کي وڏو انعام پڻ ڏنو ويندو. واضع رهي ته نئين سال جي شروعات کان هن وقت تائين لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن سميت ڏوهاري وارداتن ۾ اضافي سان واپاري توڙي عام شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن. ڄاڻايل ڏوهارين جون تصويرون سي سي ٽي وي فوٽيجز سان مدد سان حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻو پوليس سال جي شروعات ۾ ئي ڏوهارين کي سوگهو ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته نه صرف تصويرن ۾ ايندڙ ڏوهارين پر سرگرم سمورن ڏوهارين توڙي انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي به سوگهو ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي.