لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس موٽرسائيڪلون چوري سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث جوابدار کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. باقراڻي پوليس مبينا مقابلي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.پوليس ترجمان موجب جوابدار جي سڃاڻپ نظير ولد علي اصغر مگسي طور ٿي آهي، جيڪو مختلف ڏوهن خاص طور موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث سرگرم رهيو آهي جنهن مٿان سول لائين، ڪنگا ۽ باقراڻي ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.