لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل پاڙي جي رهواسڻ عورت پاڪ ڪتاب کڻي حيدري پوليس خلاف  گهر ڀاتين سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مائي افروز خاتون جاگيراڻي پنهنجي ڌيءَ نازيه ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته اڄ منجنهند ڌاري حيدري ٿاڻي جي پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر اندر سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد عورتن مٿان تشدد ڪري منهنجي مڙس عرفان علي جاگيراڻي کي زبردستي کنڀي کڻي ٿاڻي اندر لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس چڙهائي دوران 2 لک رپيا روڪ رقم ۽ 3 ٽچ موبائل فون پڻ کڻي وئي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هن مطالبو ڪيو ته مڙس کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي،  هوڏانهن ايس ايچ او حيدري علي حسن مغيري ٻڌايو ته علائقي واسين طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي برائين خلاف پوليس کي شڪايت ڪرڻ تي ڪارروائي ڪري گرفتاري ڪئي آهي،  هن ٻڌايو ته گرفتار همراهه کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.