لاڙڪاڻو ٽينٽ سٽي ۾پيرسن بک ۽ بيماري وگهي فوت

0
288

پيءُ سعدالله چانڊيو مبينا طور کاڌو ۽ علاج نه ٿيڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو، لاش مٿان وارث روئيندا رهيا، ٽينٽ سٽي ۾ تڏو وڇايو ويو. ان موقعي تي فوتي پيرسن جي گهر واري حميده چانڊيو سندس پٽ سلمان مرتضيٰ روئيندي ٻڌايو ته مهينو اڳ برساتي ٻوڏ سبب ڳوٺ مان لڏپلاڻ ڪري لاڙڪاڻي اچي ٽينٽ سٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي،

جتي پنج ڏينهن کان انتظاميا پاران اسان کي طبي توڙي ملندڙ سهولتن ۽ کاڌ خوراڪ کان محروم رکي ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجو مڙس ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هو، جيڪو صحيح علاج ۽ کاڌو نه ملڻ سبب ٽينٽ سٽي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو پر انتظاميه مڙس جو لاش ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولينس به ناهي ڏني. هوڏانهن ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ تي انتظاميه طرفان پيرسن جو لاش ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ کين ايمبولينس ڏني، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.