لاڙڪاڻو ويجهو رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر فوت: ٻيو زخمي

0
165
لاڙڪاڻو ويجهو رڪشا جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت: ٻيو زخمي
لاڙڪاڻو ويجهو رڪشا جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت: ٻيو زخمي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي شهر ۾ تيز رفتار رڪشا جي ٽڪر ۾  نينگر فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ نينگر زخمي ٿي پيو

شهر جي ميرو خان روڊ ياسين چوڪ تي تيز رفتار رڪشا جي ٽڪر ۾ ٻه نينگر 7 ورهين جو جواد حسين 10 ورھين جو ذاڪر حسين لهر زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين ۽ وارث کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو

اسپتال ۾ 10 ورھين جو ذاڪر پٽ مداح حسين لهر زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ٻئي زخمي نينگر جواد کي طبي امداد ڏني پئي وڃي

 ان موقعي تي نينگرن جي وارث رياض حسين لهر جو چوڻ هو ته جواد ۽ ذاڪر پاڻ ۾ سوٽ آهن گهر ٻاهران بيٺل هئا ته تيز رفتار رڪشا ٽڪر هنيو

 ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو

هي به پڙهندا

ڀريا سٽي ويجهو ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر: نوجوان ڊاڪٽر فوت