لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي ڊبل بئنچ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تونيو لاڙڪاڻو ڊويزن جي 5 ضلعن ۽ دادو ضلعي جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ جي برسات متاثرن ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت سينيئر وڪيل سرفراز جتوئي، ايڊووڪيٽ رفيق احمد ابڙو ۽ ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو امداد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور مٺياڻي، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو اطهر شاهه، ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايچ آءِ لاڙڪاڻو محمد افضل ڪولاچي، ڊي ايچ او جيڪب آباد، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري شڪارپور گلبهار ناريجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري جيڪب آباد ڊاڪٽر راجيش ڪمار اوڏ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري لاڙڪاڻو محمد اعظم بروهي، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ رٽائرڊ ليفٽنٽ عابد علي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طاهر، ايڊيشنل ڪمشنر دادو عبدالابواعليٰ ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر مينٽيننس نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاڙڪاڻو طاهر حسين صديقي پيش ٿي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جن تي عدالت عدم اطمنيان جو اظهار ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته عدالتي حڪم موجب تعلقه سطح تي سٽيزن ڪاميٽيون جوڙيون جتي برساتن سبب متاثر لاءِ ٽينٽ سٽيز قائم ڪري اتي متاثرن کي تيار ٿيل کاڌو ڏنو پيو وڃي، ٽينٽ سٽيز ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ۽ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٽينٽ سٽيز ۽ رليف ڪئمپن ۾ تيار ٿيل کاڌو، ٽينٽ، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ هن وقت تائين اتي متاثرن جي امدادي سامان ۾ ڪنهن به خردبرد، چوري يا  وڪرو ٿيڻ جي ڪا ئي به شڪايت نه ملي آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنر طرفان گهٽ يا وڌ هڪ ئي رپورٽون جمع ڪرايون آهن پر درخواست گذارن جي وڪيلن طرفان انهن رپورٽن کي تڪراري قرار ڏيندي دليل ڏنا ته حقيقت ۾ عدالت طرفان جاري ڪيل حڪمنامي جي روح موجب عمل نه ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاڙڪاڻو طاهر حسين صديقي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته انڊس هاءِ وي ميهڙ کان ڪڪڙ تائين مڪمل طور ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهي جنهن ڪري انڊس هاءِ وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته ضلعي ۽ تعلقي اسپتالون توڙي رورل هيلٿ سينٽرن ۾ دوائون موجود آهن ۽ مريضن توڙي ڪئمپن ۾ رهندڙ متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته درخواست گذارن جي وڪيل طرفان به انهن رپورٽن تي اعتراض واريو ويو تنهن ڪري عدالت حڪم ڏنو ته جوڙيل سٽيزن ڪاميٽين جا سربراهه سول جج لاڳاپايل عملدارن طرفان جمع ڪرايل رپورٽ جي روشني ۾ برسات سبب متاثر ٿيل آبادي کي کاڌو، طبي سهولتن جي تصديق ڪري تفصيلي رپورٽ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ جمع ڪرائيندا. سول جج ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته ڇا متاثر ٿيل ماڻهن ۾ صحيح نموني سان ٽينٽ ۽ خوراڪ جي فراهمي ٿي آهي؟ عدالت ڊائريڪٽر مينٽيننس نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي حڪم ڏنو ته ميهڙ کان ڪڪڙ تائين فوري طور ٽريفڪ جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن. درخوست گذارن جي وڪلين طرفان برسات سبب متاثر ٿيل ماڻهن ۾ ٽينٽ، خوراڪ ۽ طبي سهولتون توڙي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي تي اعتراض واريو آهي تنهن ڪري حڪم ڏنو ته سمورا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ اوز ٻوڏ برسات سبب متاثر ٿيل ماڻهن ۾ ٽينٽ ۽ خوراڪ جي ورهاست بابت پنهنجي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائن ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن توڙي ڊويزن جا سمورا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پنهنجي اڳڀرائي رپورٽ سان گڏ 14 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ٿين ۽ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو لاڳاپيل حڪم جي تعليمي رپورٽ فيڪس ذريعي پيش ڪن.