لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ ۾ ڊائلاسز جي ٻن آر او پلانٽس ۾ فني خرابي سبب وارڊ کي مڪمل طور بند ڪري تالا لڳايا ويا آهن، جنهن ڪري مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن. ان موقعي تي مريض شعبان علي ميتلو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات آر او پلانٽ ۾ فني خرابي سبب ڊائلاسز وارڊ کي مڪمل طور بند ڪيو ويو، جنهن ڪري سندس حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته وارڊ کي بند ڪرڻ کان بعد ڪو ڊاڪٽر يا عملو موجود ناهي جنهن ڪري گڙدن جي بيماريءَ ۾ مبتلا مريض خانگي ميڊيڪل سينٽرن تان ڊائلاسز ڪرائڻ تي مجبور آهن. ان حوالي سان نيفرولاجي شعبي جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته آر او پلانٽس ۾ فني خرابي سبب نيفرولاجي وارڊ کي في الحال بند ڪيو ويو آهي، ٽيڪنيشنز کي طلب ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف اي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽيڪنڪل ٽيم پاران آرو پلانٽ کي بهتر ڪيو پيو وڃي جلد مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.