لاڙڪاڻو: مولوي جي تذليل وارو مامرو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

0
311

لاڙڪاڻو(ن پ ا) مسجد جي پيش امام کي مبينا گهر ۾ داخل ٿيڻ تي تشدد ڪرڻ وارو مامرو، 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس طرفان ڪيل جاچ ۾ مولوي ماجد ابڙو ۽ عورت نازيه کوکر کي ملوث قرار ڏيندي چيو ويو ته مامرو هڪ سال کان هلندو پيو اچي، عورت ۽ مولوي جو هڪ ٻئي سان واسطا هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پاڻ پوليس جي سامهون اعتراف ڪيو ته پهرين ملاقات پاڙيسري جي گهر ۾ ٿي جتان واسطا شروع ٿيا، ٻه ڏينهن اڳ عورت جي مڙس ۽ سهري کي مامري جي خبر پئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کان موبائل فون کسي مولوي ماجد ابڙو کي ان جي ئي نبمر تان ميسيج ڪري کيس گهر گهرائڻ جو چيو ويو، ماجدو ابڙو گهر آيو ته کيس گهر ڌڻين تشدد جو بڻايو، ڏاڙهي، مڇون ۽ مٿي جا وارڪوڙيا ويا، عورت نازيه کوکر جو سهر ۽ مولوي ماجد ابڙو پوليس جي حراست ۾ آهن.