لاڙڪاڻو: مس ڪال تي دوستي شادي ۾ تبديل، تحفظ جي اپيل

0
540
مس ڪال تي دوستي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) رانگ نمبر تي مس ڪال بعد دوستي کان پوءِ لوڌرا شھر جي رھواسڻ ھڪ ٻار جي ماءُ ۽ طلاقيل عورت نازيه ڪشمور واسي سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو.بھاول پور جي تعلقي لوڌرا شھر جي شھزاد ٽائون جي رھواسڻ ھڪ ٻار جي ماءُ نازيه ڌي حق نواز ملڪ ڪشمور جي ڳوٺ ڊنگلو واسي گل خان سبزوئي سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران وڪيل دلدارا چانڊيو جي معرفت لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي نازيه موقف اختيار ڪيو آهي ته شادي ڪرڻ بعد ڀاءُ شفيق، مامو ربنواز ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايڊيشنل سيشن جج رتوديرو ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي. نازيه ملڪ چيو ته هن جي اڳ پنهنجي رشتيدار سان شادي ٿيل ھئي جنھن کان 4 سال اڳ طلاق وٺڻ بعد ڀاءُ شفيق سان رھائش اختيار ڪئي، ٽي سال اڳ مس ڪال تي گل خان سان دوستي ٿي، موبائيل فون تي لاڳيتو ھڪ ٻئي سان رابطو رھيو، 17 تاريخ تي گھران نڪري گل خان سان پسند جو پرڻو ڪيو

ھي به پڙھندا

ڪي اين شاهه ۾ همراهه پسند جي شادي جي ٽن سالن بعد ساليءَ سان به نڪاح ڪري ڇڏيو