شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) هڪ مهيني بعد قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو  روڊ ننڍين گاڏين جي ٽريفڪ لاءِ جزوي طور بحال ٿي ويو آهي، قمبر روڊ کي لڳل 2 وڏا ڪٽ بند ڪري ٽريفڪ لاء روڊ بحال ڪيو ويو آهي .رابطي ڪرڻ تي روڊس کاتي جي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته روڊ کي ٻوڏ جو پاڻي ڪراس ڪرائڻ ۽ شھدادڪوٽ شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ايم پي اي مير نادر مگسي رات جي وقت 2 وڏا ڪٽ لڳايا ويا ھئا انهن ڪٽن کي ھڪ مھينو گذري ويو ھيو روڊ کي ڪٽ لڳڻ ڪري شھدادڪوٽ جو زميني رابطو ۽ رستو قمبر لاڙڪاڻي ڪراچي سيوھڻ دادو ۽ حيدرآباد کان ڪٽيل ھيو، جيڪو ھڪ مھيني بعد ننڍين گاڏين لاءِ بحال ڪيو ويو آهي . روڊ کي ويڪرو ڪرڻ جو ڪم ھلندڙ آهي ھڪ ھفتي اندر وڏي گاڏين ۽ ھيوي ٽريفڪ لاءِ روڊ کي مڪمل طور بحال ڪيو ويندو . ٻئي طرف روڊ بحال ٿيڻ بعد درگاھ حاڪم شاھ پٽ وارو بھرام ڳوٺ ڪارڙا ڳوٺ ڀرمي گولوواھ سميت آس پاس جي ڳوٺاڻن پاران رڊو بحال ٿيڻ تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي اھڙي طرح روڊ بحال ٿيڻ تي علائقي ۾ خوشي واري لھر ڇائنجي وئي آهي .