لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي وليد پوليس گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.ٻئي طرف ڊائريڪٽر اسڪول پرائمري انيس الرحمٰن جلباڻي ليٽر جاري ڪندي اسڪولن اندر احتجاج ۽ ريليون ڪڍڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ٻئي پاسي گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو جي گرفتاري خلاف پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري وي آءِ پي روڊ روڊ تي ڌرڻو هنيو. گرلز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، انگلش ميڊيم ماڊل گرلز هاءِ اسڪول، لٽل فوڪس هاءِ اسڪول جي ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.استادن، ماسترياڻين، شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ايم ابڙو سوشل ميڊيا تي تعليم کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن جا پول پڌرا ڪري اسڪولن ۽ استادن جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي.هنن چيو ته جي ايم ابڙو مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن گسٽا تعلقي ڏوڪري جي صدر نثار سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.