لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ ڳوٺاڻي کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن کي 5، 5 سال قيد ۽ 20، 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي هڪ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت ۾ سال 2018ع دوران جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻي محمد مٺل ڪلهوڙو واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن طفيل احمد، الڻ ۽ شاھد کهاوڙ کي 5، 5 سال قيد ۽ 20، 20 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي هڪ جوابدار زاهد کهاوڙ کي بري ڪري ڇڏيو آهي.