موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان پوليس پاران بازياب ڪرايل ناريءَ کي ڪورٽ مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. فتح پور پوليس ڳوٺ خير محمد ٻٽ مان ڪراچيءَ جي ضلعي ايسٽ جي اڍائي نمبر جي رهواسڻ عائشا آرائينءَ کي بازياب ڪرائي لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ناري بيان ڏنو ته هوءَ بالغ آهي هن محمد سليم پٽ چنيسر ٻٽ سان پسند جي شادي ڪري هتي آئي آهي. اهڙي بيان ڏيڻ ۽ تصديق ٿيڻ بعد عدالت ناريءَ کي پنهنجي مڙس محمد سليم ٻٽ سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.