لاڙڪاڻو: شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ضابطن جي ابتڙ ڀرتين جو انڪشاف

0
333

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي انيلا عطاءُ الرحمان طرفان  ضابطن جي ابتڙ ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آھي

اڳوڻي وي سي طرفان29 آفيسرز جون مبينا غيرقانوني ڀرتين  جا آرڊرز سامهون اچي ويا، اشتهار ۽ ٽيست وٺڻ بنا 29 ملازمن  کي فڪسڊ پگهار تي ڀرتي ڪرڻ جو  آرڊر جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

Benazir Bhutto University in Larkana faces administrative issues - Daily Times

 ذريعن موجب مالي بحرانن جي ور چڙهيل  يونيورسٽي ۾ لکين روپين جي پگهارن  تي ڀرتيون ڪيون ويون، وڏي وزير جي منظوري بنا ٿيل ڀرتين تي يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتو خاموش بڻيل آھي

اسسٽنٽ، سب انجنيئر، اسسٽنٽ  پلاننگ آفيسر، ڪمپيوٽر آپريٽر، سينيئر  ڪلارڪ جون ڀرتيون ٿيون، اڪائونٽنٽ، جونيئر ڪلارڪ، ليب اٽينڊنٽ، معزن، ڊرائيور، نائب قاصد ۽  ٻين نوڪرين جا به آرڊر جاري ڪيا ويا

ھي به پڙھندا

ڪراچي: انيلا عطاءُ الرحمان جبري موڪل خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي

لاڙڪاڻو ٽينٽ سٽي ۾پيرسن بک ۽ بيماري وگهي فوت