لاڙڪاڻو: سينٽرل جيل ۾ شراب پيئڻ تان جهيڙو، 3 قيدي زخمي

0
530

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ مبينا طور شراب پيئڻ کان منع ڪرڻ تي قيدين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ بهرام واسي قيدي غلام عباس مگسي سميت ٽي قيدي زخمي ٿي پيا جن مان زخمي قيدي غلام عباس کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي قيدي الزام لڳايو ته قيدي اقبال چانڊيو ۽ ٻيا جيل ۾ شراب پي رھيا ھئا جن کي منع ڪئي جن مون مٿان ڏنڏن ۽ سرين سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.