لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ ڇڪتاڻ: رينجرز مقرر

0
340
لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾

لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ اٺين ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري آهي، ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيل ٻاهران رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن

قيدين الزام هنيو آهي ته جيل انتظاميا نه کاڌو پيتو ڏئي ٿي ۽ نه ئي بيمار قيدين جو علاج ڪرايو وڃي ٿو

هنن الزام هنيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ظلم جي انتها ڪئي اٿس، اسان جو جيئڻ تنگ ٿي ويو آهي

قيدين جيل سپرنٽينڊنٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  جڏهن ته جيل انتظاميا الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته قيدين کي ٻين جيلز ۾ منتقل ڪرڻ تان بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جيل ۾ غيرقانوني شيون رکڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي