لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پنجين سنڌ ڪاليج گيمز 2023 جي حوالي سان ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ سنڌ جي نگرانيءَ ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ ڪاليج ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ريجن لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ گرلز هاڪي فائنل ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جيڪب آباد، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مدئجي کي 5-0 تان شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتو. ڪپتان حسينه سومرو 2 گول سارا، عظميٰ ۽ دعا عباسي هڪ هڪ گول ڪيو.