لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سنڌ جي نگراني هيٺ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جي 12 هين ڏينهن گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر نزهت جبين شاهه جي نگرانيءَ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ گرلس بيڊمنٽن چئمپين شپ جا مقابلا ٿيا. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي ٽيم گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي ريجنل بيڊمنٽن چئمپين شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان موقعي تي مهمان خاص گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر الطاف حسين ابڙو، پرنسپل بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر ثمينه ابڙو ۽ ٻين ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورهايا.