لاڙڪاڻو: رائيس ڪئنال مان نوجوان جو لاش ھٿ

0
292

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا پل وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ لاش هٿ، جنهن کي حد جي سول لائن ٿاڻي جي پوليس کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان جي سڃاڻپ اصغر پٽ زيب سولنگي سان ٿي آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي قافله سراءِ محله جو رهواسي آھي جنهن جي سڃاڻپ فوتي نوجوان جي ڀاءُ نعيم سولنگي ڪئي، ان جو چوڻ آھي ته منهنجو ڀاءَ ڪميشن جي امتحان جي تياري ڪري رهيو هو جنهن جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي. جڏهن ته سول لائن پوليس جو چوڻ آھي ته فوتي جي ڀاء نعيم سولنگي جو چوڻ آھي ته منهنجو ڀاء ڪميشن جي امتحان جي تياري ڪندو هو جنهن جي ڪلاس فيلو دوستن جي سليڪشن ٿي وئي هئي جنهن جي ڪري مسلسل مايوس رهندو هو جنهن ڪري اڄ رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آھي.