لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ عورت طرفان پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت مسمات شهناز ڪورائي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٻه مهينا اڳ پاڙي جي بااثر رحيم چانڊيو مون کان فون نمبر گهرندي دوستي رکڻ لاءِ زور ڀريو، جيڪا دانهن پنهنجي مڙس خادم حسين ڪورائي کي ڏني، جنهن پاڙي جي ڪجھه ماڻهن سان گڏجي بااثر کي اهڙي حرڪت ڪرڻ کان منع ڪئي، هن ٻڌايو ته 5 ڏينهن اڳ بااثر رحيم چانڊيو پنهنجي ڪڻڪ جي فصل کي باھ ڏئي اهڙو الزام منهنجي مڙس خادم ڪورائي مٿان لڳايو، جنهن بعد دڙي ٿاڻي جي پوليس مڙس کي گرفتار ڪيو آهي. هن الزام هنيو ته بااثر رات جي وقت گهر ۾ گهڙي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.