لاڙڪاڻو: جي يو آءِ ۽ پ پ اڳواڻ آمھون سامھون

0
654

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ ۽ پ پ اڳواڻ آمھون سامھون، سوشل ميڊيا جي ذريعي ھڪٻي تي لفظي گولا باري، پ پ اڳواڻ مولانا راشد سومرو کي عمران نيازي جو ترجمان قرار ڏئي ڇڏيو، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد خالد محمود سومرو جي پريس ڪانفرنس بعد لاڙڪاڻي جي سياست ۾ گرما گرمي چوٽ چڙھي وئي، جي يو آءِ پاران پ پ خلاف تحريڪ ھلائڻ جي اعلان بعد پ پ جا اڳواڻ به ميدان تي اچي ويا، پ پ لاڙڪاڻي جي اطلاعات سيڪريٽري عمران جتوئي سوشل ميڊيا بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مولانا راشد محمود سومرو جي يو آءِ جو سيڪريٽري جنرل گھٽ عمران نيازي جو ترجمان وڌيڪ لڳي پيو، اسان پھرين ڏينهن ئي چيو هو ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پاڻ ۾ مليل آهن.