لاڙڪاڻو: جهيڙي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ سينيٽر جو ڀاءُ جيل حوالي

0
310

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي عدالت پي ٽِي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ننڍي ڀاءُ ۽ ٺيڪيداررحمت الله ابڙو کي جيل موڪلي ڇڏيو، رحمت الله ابڙو ۽ انجنئير آفتاب ابڙو جي جهيڙي واري ڪيس ۾ گرفتار ٺيڪيداررحمت ابڙو کي پوليس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن کي عدالت جيل موڪلي ڇڏيو، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ننڍي ڀاءُ رحمت الله ابڙو کي سول لائن ٿاڻي جي پوليس پنجون سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري ريمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو..