لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ جي مبينا ناجائزين خلاف ملازمن آفيسن جي تالا بندي ۽ قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آپڪا يونٽ بورڊ جي صدر محمد علي ڏيپر، نائب صدر فيض محمدا ملاح، جنرل سيڪريٽري محمد اقبال جاگيراڻي ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته چيئرمين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو شڪارپور بوٿ جي جونيئر ڪلارڪ عورت تمسيلا جي پگهارون بند ڪري کيس حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن چيو ته بورڊ چيئرمين ملازمن مٿان غلط ۽ ڪوڙا الزام هڻي آفيس سپرنٽينڊنٽ محمد علي ڏيپر ۽ جونيئر ڪلارڪ محمد اقبال جاگيراڻي کي معطل، سپرنٽينڊنٽ فيض محمد ميربحر کي شڪارپور بوٿ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.معطلي ۽ بدلي جا آرڊر واپس وٺي ملازمن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن بورڊ جي چيئرمين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جونيئر ڪلارڪ تمسيلا 2 سال کان ڊيوٽي تان غائب آهي، تنهن ڪري ان جي پگهار روڪي، هن الزام لڳايو ته سڪندر ميرجت يونين جو چڱو مڙس آهي، جنهن ڪرپشن ڪري ملڪيت ٺاهي.ملازم يونين نه پر مافيا آهي جنهن کي ڪنهن به صورت غلط ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو.هن الزام لڳايو ته اي ون گريڊ جون مارڪون يونين جا اڳواڻ پئسن سان وٺي ڏيندا آهن.