لاڙڪاڻو: باڊهه واسي نوجوان مبينا زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي

0
203

لاڙڪاڻو(ن پ ا) باڊهه شهر جي درگاهه محلا ۾ 17 سالن جي سيلون هلائيندڙ نوجوان نعيم علي منگي گهر وارن سان ڪاوڙجي جوان مار زهر پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پيءُ مير محمد منگي ٻڌايو ته پٽ گهر وارن سان ڪاوڙجي جوان مار زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسان اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.