لاڙڪاڻو: اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ خلاف ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جو احتجاج

0
190
لاڙڪاڻو: اسڪول مان نيڪالي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاءِ اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ ۽ برسات متاثر مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو  آهي

ان موقعي تي متاثرن مظفر ابڙو، فقيرو باگڙي، نادر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان جو واسطو ميهڙ، ميروخان، دادو، لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني سميت مختلف علائقن سان آهي جتي مهينو اڳ ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي سبب اسان لڏي شهر جي گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاءِ اسڪول ۾ رهائش اختيار ڪئي

هنن چيو ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو ۽ وقت تي کاڌو به نه ٿو ڏنو وڃي

هنن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات ۾ اسان جو سبب ڪجهه لڙهي ويو ۽ اسين بي گهر ٿي ويا آهيون پر انتظاميه اسان کي ملندڙ سهولتون بند ڪري اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري رهي آهي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي، راشن، ٽينٽ ۽ کاڌو ڏئي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

جهڏو تعلقي ۾ اڃا ٻوڏ واري صورتحال، ڪيترائي علائقا سمنڊ بڻيل

ڊي سي هڪ ڪلاڪ ۾ پيش ٿئي، نه ته وارنٽ جاري ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ