لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي پندرھن وار دستوري گڏجاڻي نوجوان شاعر عطا حسين چانڊيو جي صدارت ھيٺ شهر جي مقامي ھوٽل ۾ ٿي، جنهن ۾ نادر جانوري ”غزل“، مسڪين عيسيٰ ”غزل“، اعجاز علي سولنگي ٻه اکري ڪھاڻي ”فضل ربي“، اظھر مجيد ”غزل“، اوشاق علي آگاڻي ”غزل”، اعجاز سيتائي ”غزل“، جيڪب آباد کان ڪھي آيل شاعر فياض فراق دايو ”غزل” تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جڏھن ته نويد ناز ڀٽي ۽ عطا حسين چانڊيو بنا تنقيد جي غزل ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. تنقيد ۾ استاد گل دايو، عيسيٰ ميمڻ، حمز علي سوھو، ڪامل امداد جتوئي، زاھد حسين جوڻيجو، روشن ٽوٽاڻي ۽ رضا ٻرڙو حصو ورتو. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي عطا حسين چانڊيو چيو ته شاعري انساني اڌمن، امنگن ۽ احساسن جي ڪٿا آھي. شاعري کلائيندي به آھي ته روئاريندي به آھي. اڄ ھتي پيش ڪيل سمورا شاعراڻا اسم انھن خوبين سان مالا مال ھئا پر نون شاعرن کي مطالعي ۽ مشاھدي جي سخت ضرورت محسوس ٿي. ھن چيو ته ھتي تنقيد لاءِ پيش ڪيل اعجاز جي ڪھاڻي اسان جي سماج جي ئي ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻي جا ڪردار، منظر نگاري ۽ ڪلائيمڪس شاندار آھن.  دستوري گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي نوجوان شاعر عطاحسين چانڊيو جي 33 ھين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.