لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد پاڙي جي رهواسڻ هندو ناري آرتي عرف عائشه جي نڪاح نامي بابت سندس مڙس محمد فواد جي پيءُ ڊاڪٽر ابصار جي درخواست جي ٻڌڻي ٿرڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج نياز حسين سومرو جي عدالت ۾ ٿي، جتي عدالت ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن ٻڌڻي دوران ناري جي پيءُ ڊاڪٽر نامون مل سان گڏ هندو پنچائت جو چيئرمين ڊاڪٽر ڌرم پال ۽ ٻيا اڳواڻ توڙي هندو برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهتا.