لاڙڪاڻو:رائيس ڪئنال ۽ ڪٻاڙي وٽان دوائون ھٿ ڪندڙ سماجي اڳواڻ ۽ ڊاڪٽرز آمھون سامھون، احتجاج

0
253

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ جون دوائون ڪٻاڙي ۽ رائيس ڪينال مان ھٿ ڪندڙ سماجي اڳواڻ ۽ ڊاڪٽر آمھون سامھون، ڊاڪٽرز پاران احتجاج ڪيو ويو. ينگ ڊاڪٽرس شيخ زيد چلڊرين ۾ ڪم ڇڏي ارسلان حبيب چانڊيو خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، ينگ ڊاڪٽرز جو چوڻ ھو تھ  ڊاڪٽر شانتي خلاف سوشل ميڊيا تي غلط بياني ڪئي پئي وڃي، ارسلان حبيب نالي سماجي اڳواڻ سڏرائي بليڪ ميل ڪري ٿو.

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ سماجي اڳواڻ سڏرائي الزام لڳائي پيو ته ڊاڪٽر شانتي سرڪاري اسپتال ۾ مريض ڏسڻ بجاءِ پرائيويٽ جا مشورا ڏي ويو جيڪو سڌو سنئون ڪوڙ آهي، ھنن چتاءُ ڏنو تھ معاملي جون اختياريون نوٽيس وٺن ٻي صورت ۾ اسپتالن ڪم ڇڏي احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين، ارسلان حبيب چيو تھ سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ايندڙ مريضن جو صحيح علاج نه پيا ڪن آواز اٿارڻ تي بليڪ ميل چون پيا.