لاڙڪاڻو/ شهدادڪوٽ/سجاول جوڻيجو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي جي لٽل فاڪس اسڪول ۾ رهندڙ گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ علي بخش چانڊيو جي رهواسين عبدالقيوم چانڊيو، عبدالوحيد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.اڳواڻن مختيار ڪار لاڙڪاڻو تپيدار ۽ ٻين سان گڏجي اسان کان شناختي ڪارڊ وٺي اسڪول خالي ڪرڻ جو چيو جنهن کان پوءِ اسان جو راشن ۽ ملندڙ سهولتون بند ڪيون ويون آهن. شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي ۽ ٻوڏ متاثرن راشن ۽ خيما نه ملڻ خلاف الھداد خشڪ،  محمد علي چانديو، آصف مگسي احتجاج ڪندي چيو ته راشن ۽ خيما نه ٿا ملن، ڳوٺن مان پاڻي به نيڪال ناهي  ڪرايو ويو.سجاول جوڻيجو ۾ ڳوٺ لقمان بروهي ۽ آدم گوپانگ جي متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي آدم گوپانگ لاڙي وٽ ڳڙهي خيرو لاڙڪاڻي روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.عبدالنبي مغيري، گاجي بروهي، الهداد گوپانگ، مظفر گوپانگ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، چيئرمين آفتاب گوپانگ، پ پ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ اسان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.واهر نه ٿي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول جوڻيجو آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.