ڪراچي (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي مينگل) ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاپتا ماڻهن جي معاملي ۽ ٻين مطالبن کي فوري طور حل نه ڪيو ته حڪمران اتحاد پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ تي غور ڪيو ويندو. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب بي اين پي جي سينئر نائب صدر عبدالولي ڪاڪڙ ۽ سيڪريٽري جنرل جهانزيب بلوچ ڪوئيٽا پريس ڪلب ٻاهران کنڀيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ لڳايل بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير هاشم نوتزئي، صوبائي اسيمبلي ميمبر احمد شاهواڻي، اختر لانگو، ثنا بلوچ، اڪبر مينگل، احمد نواز، شڪيلا دهوار به ٽوڪن هڙتال ڪئي. بي اين پي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پارٽي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪري صوبي جي صورتحال کان آگاهه ڪري چڪو آهي، وزيراعظم پاران پارٽي سربراهه اختر مينگل کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي پر افسوس جو مسئلا حل ناهن ٿيا، سياسي ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي، عورت کي به گهران کنڀيو پيو وڃي. عبدالولي ڪاڪڙ چيو ته اها صورتحال جاري رهي ته پارٽي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ بلوچستان اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي، حڪمران اتحاد پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ تي به غور ڪيو ويندو.