لاٽري ٽوڪن مشين ۾ ڌوپجي ويو، عورت 4 ارب روپين کان محروم

0
402

ڪيليفورنيا (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا ۾ عورت 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر يعني تقريبن 4 ارب روپين جي لاٽري کٽي ڪري به انعامي رقم کان محروم ٿي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب لاس اينجلس جي عورت جو انعامي ٽڪيٽ غلطي سان ڪپڙن سان گڏ واشنگ مشين ۾ ڌوپجي ويو هو، جنهن بعد لاٽري انتظاميه پاران عورت جي دعويٰ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، عورت طرفان ٽڪٽ وٺڻ وقت سي سي ٽي وي وڊيو به حاصل ڪئي وئي آهي، پر عملدارن جو چوڻ آهي ت جيستائين پڪا ثبوت نه ملندا تيستائين عورت کي انعامي رقم نٿي ڏئي سگهجي.