لاهور (م ڊ) نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوهيڙي سبب بند ٿيل سيالڪوٽ موٽروي تي سفر ڪرڻ کان روڪڻ تان ٻن پيٽرولنگ آفيسرن کي نوڪريءَ تان معطل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب سيالڪوٽ-لاهور موٽر وي روڊ کي ٽي ڏينهن اڳ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو. هن چيو ته گذريل ڏينهن صبح ساڍي 8 وڳي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جو جج پنهنجي پوليس اسڪواڊ سان گڏ زبردستي رڪاوٽ پار ڪري موٽروي روڊ تي اچي ويو. رپورٽ موجب قومي نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس هيڊ ڪوارٽر کان اطلاع ملڻ تي شاڪر علي ۽ حيدر علي نالي ٻن پيٽرولنگ آفيسرن ٻئي انٽرچينج تي جج جي گاڏي روڪي ۽ جبري موٽروي داخل ٿيڻ خلاف گاڏي جو چالان به ڪيو. سوشل ميڊيا جي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻه آفيسر جج جي گاڏي روڪي چالان ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي پوليس اهلڪار ٻڌايو ته آفيسرن جي روڪڻ تي جج کي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس روڪڻ وارن آفيسرن جي خلاف روڊ تي عدالت لڳائي دهشت گردي جا قلم هڻي ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني. پوليس اهلڪار ٻنهي پيٽرولنگ آفيسرن جي معطلي کي بلاجواز ڄاڻائي چيو ته هو رڳو قانون تي عمل ڪري رهيا هئا. هن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي انڪوائري ڪري ٻنهي پيٽرولنگ آفيسرن سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس ترجمان جو هن وقت تائين ڪو جواب ناهي آيو.