لاهور ۾ پوليس اهلڪار جو موت: ڇا جو شهيد؟، ڇا چور پڪڙڻ ويو هو؟ پرويز الاهي جو جواب

0
166
لاهور ۾ پوليس اهلڪار جو موت
لاهور ۾ پوليس اهلڪار جو موت: ڇا جو شهيد؟، ڇا چور پڪڙڻ ويو هو؟ پرويز الاهي جو جواب

ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي پنجاب پوليس اهلڪار جي شهادت تي چيو آهي ته ڇا جو شهيد؟ ڇا اهلڪار گهر مان چور پڪڙڻ ويو هو؟

ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان جيڪو به پروگرام جوڙيو آهي، اسان اُن سان گڏ آهيون، ڪپتان جو اڄوڪو پيغام درست آهي

صحافي سوال ڪيو ته ڪالهه رات پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، جنهن تي پرويز الاهي چيو ته ڇا جو شهيد؟، ڇا اهلڪار چور پڪڙڻ ويو هو، جيڪڏهن ڪير ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ته گهر ڌڻي کي ڪهڙي خبر ته چور آيو آهي يا اهلڪار

هن چيو ته گهر ۾ مائرون ۽ ڀينرون موجود هجن ۽ ڪو ماڻهو دروازو ٽوڙي ته گهر ڌڻي ڇا سمجهندو؟ گهر ڌڻي ته سمجهندو ته سندس گهر ۾ چور آيا آهن، پوليس اهلڪار سان اهو ٿيو، جيڪو چور سان ٿيندو آهي